- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مسئلا تمام گهڻا آهن پر حل موجود آهي، کين تاريخي مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري جو مقابلو ڪرڻو آهي، نوجوانن کي ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻو آهي، محنت سان ئي ملڪ پنهنجو نرالو مقام ٺاهيندو، ملڪ کي معاشي طور مضبوط بڻائڻو پوندو، معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻو پوندو، مهانگائي سبب ماڻهو ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جهڙا خطرا سامهون آهن، موسمياتي تبديلي سبب هماليه ريجن سخت متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.
نوابشاهه جي بختاور ڪيڊٽ ڪاليج ۾ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي عوام دوست منشور متعارف ڪرايو آهي، بيروزگاري جي خاتمي لاءِ پ پ سڌارا متعارف ڪرائيندي.
سندس چوڻ هو ته مهانگائي جي شرح موجب پگهارن ۾ اضافو ڪيو ويندو، پورهيتن، هارين ۽ نوجوانن لاءِ خاص ڪارڊ متعارف ڪرايا ويندا، آبادگارن کي سڌي ريت سبسڊي ڏن ويندي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري جو ڄمي مقابلو ڪرڻو آهي، پورهيتن کي پينشن ۽ سوشل سڪيورٽي جو حق ڏنو ويندو، ضرورتمند خاندانن جي مدد لاءِ وڌيڪ قدم کنيا ويندا.
هن چيو ته گرين انرجي ۾ سيڙپڪاري سان ڳرن بلن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو، نفرت ۽ ورهاست جي سياست کي ختم ڪرڻو پوندو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مسئلا تمام گهڻا آهن پر حل موجود آهي، کين تاريخي مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري جو مقابلو ڪرڻو آهي، پراڻا سياستدان ملڪ جو ماضي آهن، اوهان ملڪ جو مستقبل آهيو، هو گڏجي محنت ڪندا ۽ ملڪي ترقي ۾ حصو شامل ڪندا.- Advertisement -
