- Advertisement -
ميرپورخاص شهر کي لوڊشيڊنگ کان آجو قرار ڏنو ويو آهي، نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جو چوڻ آهي ته بجلي چوري جهڙي برائيءَ جو خاتمو ڪري لوڊشيڊنگ کانسواءِ بجلي جي سهولت عوام کي ڏئي سگهجي ٿي، عوام کي اپيل آهي ته اهو قومي ذميواريءَ جو مظاهرو ڪندي بجلي قانوني طريقي سان استعمال ڪن.
ميرپورخاص جي حيسڪو آفيس ۾ تقريب ٿي، جنهن ۾ نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول ۽ توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي، جڏهن ته توانائي واري سيڪريٽري راشد محمد لنگريا، ايڊيشنل پاور سيڪريٽري حسن نقوي، حيسڪو چيف بشير احمد، ڪمشنر ميرپورخاص فيصل احمد، ڊي سي ميرپورخاص، رشيد سعود، ايس ايس پي عادل ميمڻ ۽ ٻيا عملدار به شريڪ ٿيا.
ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران وڏي وزير چيو ته ميرپورخاص جي سورهن ئي فيڊرن تي اڄ کان ڪا به لوڊشيڊنگ نه ٿيندي، جنهن تي هو شهرين کي واڌايون ڏي ٿو.
هن چيو ته جتي بجلي جي چوري ناهي انهن علائقن کي لوڊشيڊنگ فري قرار ڏنو پيو وڃي.
نگران وڏي وزير چيو ته حڪومت عوامي خدمت لاءِ ادارا ٺاهيندي آهي، ادارا تڏهن سروس بهتر ڪري سگهندا جڏهن عوام جو سهڪار هوندو، اميد ته حيسڪو طرفان ٻين شهرن ۾ به ان ئي ريت ڪم ڪري بجلي جي بهتر سروس ڏني ويندي.
ان موقعي تي حيسڪو چيف چيو ته شهرين جون شڪايتون ٻڌڻ، ميٽرن جي خرابي، بجلي جي اضافي بلن سميت نوان ڪنيڪشن لڳائڻ لاءِ ڌار ڪائونٽر ٺاهيا پيا وڃن، جتي شهري اچي پنهنجون شڪايتون داخل ڪرائي سگهندا…- Advertisement -
