جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ لاءِ رٽرننگ آفيسر جي آفيس پهتو

- Advertisement -
جميعت علماءَ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري مولانا راشد خالد محمود سومري جي قومي اسيمبليءَ جي تڪ 194 تي جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ نه ٿي سگهي اليڪشن ڪميشن طرفان کيس سڀاڻي ٻيهر طلب ڪيو ويو. جي يو آءِ سنڌ جو سيڪريٽري جنرل مولانا راشد خالد محمود سومرو نامزدگي فارم جي ڇنڊڇاڻ لاءِ پنهنجي ڀاءُ مولانا ناصر خالد محمود سومرو، جي ڊي اي اڳواڻ معظم علي عباسي ۽ ٻين سان گڏجي رٽرننگ آفيسر جي آفيس پهتو. رٽرننگ آفيسر آصف رضا چانڊيو اين اي 194 لاءِ مولانا راشد خالد محمود سومري جي ڪاغذن جو جائزو ورتو ۽ اليڪشن ڪميشن طرفان ڪاغذن جي مڪمل ڇنڊڇاڻ نه ٿيڻ تي کيس سڀاڻي صبح ٻيهر طلب ڪري ورتو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا راشد خالد محمود سومري چيو ته اڄ کيس ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ لاءِ تاريخ ڏني وئي ت هو رٽرننگ آفيسر جي آفيس پهچي پنهنجا سڀ ڪاغذ جمع ڪرايا. سندس چوڻ هو ته آر او ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن جي قاعدن موجب نيب، ايف آءِ اي، مختلف عدالتن ۽ کاتن کان اهي ڪاغذ نه پهتا آهن تنهنڪري آر او سندن ڪاغذن جو تفصيلي جائزو ورتو. جميعت علماءَ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري مولانا راشد خالد محمود سومري چيو ته آر او ٻڌايو ته ڊپارٽمينٽل طور ڪجهه شيون نه پهچي سگهيون جنهن تي سڀاڻي ساڍي ڏهين وڳي جو ٽائيم ڏنو آهي هو سڀاڻي ٻيهر آر او آفيس پهچندو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
14.2 ° C
14.2 °
14.2 °
31%
0.3m/s
14%
اربع
14 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون