ايندڙ حڪومت پ پ جي هوندي، پي ٽي آءِ وارن کي محنت ڪري اچڻو پوندو، اڳ هو بنا محنت آيا هئا؛ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري

- Advertisement -
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ايندڙ حڪومت پ پ جي هوندي، پي ٽي آءِ وارن کي محنت ڪري اچڻو پوندو، اڳ هو بنا محنت آيا هئا. نوابشاهه ۾ نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ بعد واپسيءَ تي صحافيءَ آصف زرداريءَ  سوال ڪيو ته عام چونڊون ٿي رهيون آهن؟ جنهن هن جواب ڏنو ته چيف جسٽس چئي ڇڏيو آهي، عام چونڊون ضرور ٿينديون. صحافيءَ سوال ڪيو ته  اوهان پي ٽي آءِ جو مستقبل ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي آصف زرداريءَ چيو ته پي ٽي آءِ  کي محنت ڪرڻي پوندي هو اڳ بنا محنت جي آيا هئا. صحافيءَ سوال ڪيو ته  ايندڙ حڪومت ڪنهن جي هوندي، آصف زرداريءَ جواب ڏنو ته انشاءَ  الله پيپلزپارٽي ايندڙ حڪومت ٺاهيندي. صحافي سوال ڪيو ته ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو؟ جنهن تي آصف زرداريءَ چيو ته وزيراعظم  پ پ جو هوندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.7 ° C
15.7 °
15.7 °
28%
0.9m/s
0%
اربع
16 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون