سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت

- Advertisement -
خيرپور ويجهو شاهه حسين باءِ پاس تي ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار هڪ ڄڻو فوت ۽ ماءُ پٽ زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو، فوتي جي سڃاڻپ عدنان پٽ حسين بخش ميتلي طور ٿي. پوليس موجب، زخمي ٿيل صدوري زال حسين بخش ميتلو ۽ سندس 11 ورهين جي پٽ ارسلان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو. گولاڙچي ڀرسان ٽرالر رڪشا مٿان چڙهي ويو، هڪ ڄڻو فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. بدين باءِ پاس تي ٽرالر ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري رڪشا مٿان چڙهي وڃڻ جي نتيجي ۾ 52 ورهين جو ارباب سهتو فوت ۽ حسن سهتي سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو. پوليس جو چوڻ هو ته ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو، جڏهن ته ٽرالر کي تحويل ۾ ورتو آهي. لاڙڪاڻي ۾ 20 ڏينهن اڳ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان گمس اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو. 20 ڏينهن اڳ مري چوڪ تي ٽرالر ۽ ٽريڪٽر ٽرالي وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 6 پورهيت زخمي ٿي پيا هئا. زخمي ٿيل 25 ورهين جي پورهيت نثار احمد ڪانڌڙي اڄ گمس اسپتال ۾ دم ڏنو، جڏهن ته زخمي ٿيل عبدالفتاح، واجد، عبدالمجيد، دودو ۽ مجاهد جو علاج هلندڙ آهي. هڱورجا ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورت سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا. حادثي بعد پوليس پهچي زخمي ٿيل اڪرم ڀٽي ۽ اميدان ڀٽي کي اسپتال پهچايو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
14.2 ° C
14.2 °
14.2 °
31%
0.3m/s
14%
اربع
14 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون