سنڌ جي نگران حڪومت اليڪشن ۾ اڻ ڌري آهي: گران صوبائي وزير احمد شاهه

- Advertisement -
اطلاعات واري نگران صوبائي وزير احمد شاهه چيو آهي ته ڪنهن به سياسي پارٽيءَ طرفان سنڌ ۾ اليڪشن بابت شڪايت داخل ناهي ڪرائي وئي، سنڌ جي نگران حڪومت اليڪشن ۾ اڻ ڌري آهي. احمد شاهه حيدرآباد ۾ اياز ميلي جي پڄاڻيءَ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران صوبائي وزير چيو ته شيخ اياز صديءَ جو عظيم شاعر آهي، هن ميلي کي سجائڻ هڪ ڪامياب ڪوشش آهي. هن چيو ته اهو ميلو ڪنهن کليل هنڌ ڪرايو وڃي جيئن 20 هزار ماڻهو اچي سگهن. احمد شاهه چيو ته سنڌ حڪومت جو ڪم پرامن چونڊون ڪرائڻ آهي، 27 ڊسمبر تي بينظير ڀٽو جي ورسي تي عام موڪلن بابت فيصلو اجلاس ۾ ٿيندو. اطلاعات واري نگران صوبائي وزير چيو  ته شيخ اياز ميلي جي بجيٽ بابت خبر ناهي، ثقافت کاتي 50 لک گرانٽ رکي آهي، جيڪا گهٽ آهي. احمد شاهه چيو ته ايس ايس پي عرفان سمون 5 سال سکر ۾ مقرر رهيو، پر  صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، جان محمد مهر جي قاتل جي گرفتاريءَ تي 50 لک رپيا انعام رکيو آهي…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
14.2 ° C
14.2 °
14.2 °
31%
0.3m/s
14%
اربع
14 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون