ڊي جي رينجرز سنڌ پاران قائد اعظم ۽ ڪرسمس جي ڏهاڙي تي مختلف علائقن جا دورا

- Advertisement -
ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل اظهر وقاص قائد اعظم ۽ ڪرسمس جي ڏهاڙي تي مختلف علائقن جا دورا ڪري سڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو . سنڌ رينجرز جي ترجمان موجب، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص قائد اعظم ۽ ڪرسمس جي ڏهاڙي تي گرجا گهرن ۾ رٿيل تقريبن جي سڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو. ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص مسيحي برادري کي ڪرسمس جون وڌايون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، جڏهن ته رينجرز ۽ پوليس سميت ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي طرفان ڪيل سڪيورٽي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. سنڌ رينجرز جي ترجمان موجب، قائد اعظم ۽ ڪرسمس ڏهاڙي تي ڪراچي شهر جي اهم هنڌن تي سنيپ چيڪنگ، موبائل پيٽرولنگ ۽ موٽرسائيڪل گشت جاري رهيو ۽ سڪيورٽي جي وڏي نفري به مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته شهر جي ايندڙ ويندڙ رستن تي چيڪنگ جو عمل به جاري رهيو…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.7 ° C
15.7 °
15.7 °
28%
0.9m/s
0%
اربع
16 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون