تازه ترين

5 آگسٽ جي قدم والاريل ڪشمير کي هڪ کليل جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو : صدر

صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته 5 آگسٽ جي قدم والاريل ڪشمير کي هڪ کليل جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ڪشميري ڀارت جي غيرقانوني ۽ غاصباڻي تسلط خلاف لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڪشمير جي پرامن حل ذريعي  ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن ممڪن آهي.

يوم استحصال جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت غيرقانوني طور تي والاريل ڪشمير ۾ غيرقانوني ۽ هڪ طرفي ڪاررواين جي شروعات ڪئي، ڪاررواين جو مقصد ڪشميري عوام کي بي اختيار، آزادي واري حق کان محروم ۽ کين پنهنجي ئي ڌرتي تي بيدخل ڪرڻ آهي.

سندس چوڻ هو ته ڀارت گذريل 75 سالن کان مختلف سازشن سان ڪشميري عوام جي حقن کي لتاڙي رهيو آهي جڏهن ته 5 آگسٽ جي قدم والاريل ڪشمير کي هڪ کليل جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ڀارت جو ڪشميري عوام جي حقن کان مسلسل انڪار هڪ غلط ۽ غيرقانوني عمل آهي.

صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جو آواز بڻجندو رهندو ۽ سندن جائز حقن لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندو، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڪشمير جي پرامن حل ذريعي  ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن ممڪن آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
32 %
3.6kmh
47 %
آچر
26 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون