تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڀارت طرفان ڪشميرين کي آزادي جو حق ڏيڻ کان انڪار خطي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو : وزيراعظم

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت طرفان ڪشميرين کي آزادي جو حق ڏيڻ کان انڪار خطي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو، ڀارت بهادر ڪشميري عوام کي خاموش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، پاڪستان ڪشميري عوام جي آزادي جي جدوجهد ۾ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.

يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ شهباز شريف چيو ته اڄ ڀارت طرفان والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت کي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني طور ختم ڪرڻ وارن قدمن کي چار سال گذري چڪا آهن، ڀارت ڪشميري عوام کي دٻائڻ لاءِ طاقت ۽ وحشياڻي تشدد جي استعمال جو سهارو ورتو آهي.

سندس چوڻ هو ته ڀارت والاريل ڪشمير کي عالمي طور مڃيل تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ لاءِ قدمن جو هڪ سلسلو به شروع ڪيو آهي، ڀارت ڪشميرين جي آزادي واري حق کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪشميري آبادي ۾ تبديليون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڀارت قدم ڪشمير جي اڪثريتي مسلم آبادي کي راءِ جو حق ڏيڻ کان محروم ڪرڻ ڪريل ڀارتي ارادي جي نشاندهي ڪري ٿو، ان مقصد لاءِ ڀارتي اختيارين چونڊ تڪن ۾ تڪبنديون ڪيون آهن، لکين غير ڪشميرين کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪيا ويا آهن ۽ موجوده ووٽر لسٽن ۾ ڦيرڦار لاءِ لکين عارضي رهائشن کي به شامل ڪيو آهي.

هن چيو ته اهي سمورا ڀارتي قدم ڪشمير جي آبادي ۽ سياسي منظر نامي کي تبديل ڪرڻ جي سوچيل سمجهيل ڀارتي حڪمت عملي جو حصو آهي، پاڪستان اهڙن هڪ طرفن ۽ غيرقانوني قدم کي رد ڪري ٿو، ڀارت طرفان والاريل ڪشمير تي قبضو نه رڳو عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي پر بنيادي انساني حقن جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل اصولن جي لتاڙ آهي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو جاري آهي، هن مسئلي تي عالمي برادري کي وڌيڪ خاموش نه رهڻ گهرجي، ڀارت بهادر ڪشميري عوام کي خاموش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي پاڪستان ڪشميري عوام جي آزادي جي جدوجهد ۾ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
20.5 ° C
20.5 °
20.5 °
38 %
0.7kmh
51 %
ڇنڇر
21 °
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون