تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

5 آگسٽ جي قدم والاريل ڪشمير کي هڪ کليل جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو : صدر

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته 5 آگسٽ جي قدم والاريل ڪشمير کي هڪ کليل جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ڪشميري ڀارت جي غيرقانوني ۽ غاصباڻي تسلط خلاف لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڪشمير جي پرامن حل ذريعي  ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن ممڪن آهي.

يوم استحصال جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت غيرقانوني طور تي والاريل ڪشمير ۾ غيرقانوني ۽ هڪ طرفي ڪاررواين جي شروعات ڪئي، ڪاررواين جو مقصد ڪشميري عوام کي بي اختيار، آزادي واري حق کان محروم ۽ کين پنهنجي ئي ڌرتي تي بيدخل ڪرڻ آهي.

سندس چوڻ هو ته ڀارت گذريل 75 سالن کان مختلف سازشن سان ڪشميري عوام جي حقن کي لتاڙي رهيو آهي جڏهن ته 5 آگسٽ جي قدم والاريل ڪشمير کي هڪ کليل جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ڀارت جو ڪشميري عوام جي حقن کان مسلسل انڪار هڪ غلط ۽ غيرقانوني عمل آهي.

صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جو آواز بڻجندو رهندو ۽ سندن جائز حقن لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندو، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڪشمير جي پرامن حل ذريعي  ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن ممڪن آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.5 ° C
19.5 °
19.5 °
41 %
0.7kmh
100 %
ڇنڇر
19 °
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون