- Advertisement -
سک اڳواڻ جي قتل جي سازش تي آمريڪا ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي، آمريڪا ڀارت کي 3 ارب ڊالر جي ڊرون جو وڪرو روڪي ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽن موجب، آمريڪا ڀارت کان خالصتان جي سک اڳواڻ گرپتونت سنگهه پنون کي قتل ڪرڻ جي سازش جي نتيجا ڏيندڙ جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
آمريڪي حڪومت جو چوڻ آهي ته سک اڳواڻ خلاف سازش جي مڪمل جاچ ٿيڻ تائين مودي سرڪار کي ڊرون وڪرو نه ڪيا ويندا، جون 2023ع ۾ ڀارتي حڪومتي اهلڪارن طرفان سک اڳواڻ کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، سک اڳواڻ نيويارڪ ۾ رهيل آهي، هو آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي ٻٽي شهرت رکندڙ آهي.
نومبر 2023ع ۾ ڀارتي ايجنٽ کي آمريڪي ايجنسي گرفتار ڪيو هو جنهن بعد هن گرپتونت سنگهه جي قتل ۾ ڀارتي اختيارين جي ملوث هئڻ جو اعتراف ڪيو هو، سک اڳواڻ تي حملي کان هڪ هفتو اڳ آمريڪا ۽ ڀارت وچ ۾ ڊرون خريداري جو معاهدو طئي ٿيو هو.
سک اڳواڻ جي قتل جي ڪوشش تي ڊرون جي ڊيل کي آمريڪي ڪانگريس ۾ رد ڪندي ڊرون وڪرو ڪرڻ لاءِ گهربل قانوني ڪارروائي کي منجمد ڪيو ويو.
ٽن بلين ڊالر جي خريداري ۾ ڀارتي بحريه لاءِ 15 سي گارڊين ڊرون شامل هئا جڏهن ته هوائي ۽ زميني فوج کي 8، 8 اسڪائي گاڊين ڊرون ملڻا هئا……….- Advertisement -
