پي سي بي چيئرمين محسن نقوي بورڊ اختيارين سميت دبئي مان واپس وطن پهچي ويو.
پي سي بي ذريعن جو چوڻ آهي ته دبئي ۾ دوري جي موقعي تي پي سي بي چيئرمين آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي جي معاملي تي اهم ملاقاتون ڪيون ۽ پاڪستان طرفان آءِ سي سي کي پنهنجا شرط به پيش ڪري ڇڏيا آهن.
زريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بروڊ پنهنجي موقف تي قائم، هاڻ ڀارت جي جواب جو انتظار آهي.
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته دبئي ۾ موڪلن سبب جواب اچڻ ۾ وقت لڳي سگھي ٿو.