تازه ترين

ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان لاءِ 70 ڪروڙ ڊالر جي قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان لاءِ 70 ڪروڙ ڊالر جي قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جيڪو انشورنس سيڪٽر ۾ سڌارن ۽ انشورنس ڪوريج وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو. اي ڊي بي موجب هن پروگرام جو مقصد انشورنس تحفظ جي خال کي گهٽائڻ ۽ خانگي شعبي جي شموليت کي هٿي ڏيڻ آهي. اداري چيو ته پاڪستان ۾ انشورنس جو ڪاٿو جي ڊي پي جي صرف ٻڙي ڏهائي 7 سيڪڙو جي برابر آهي. بينڪ مطابق انشورنس ٽرانسفارميشن پروگرام مالياتي نظام کي وڌيڪ مضبوط ۽ پائيدار بڻائڻ ۾ مدد ڏيندو، جنهن سان معيشت جي جهٽڪن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت بهتر ٿيندي. پروگرام تحت هارين، عورتن ۽ ڪمزور طبقن لاءِ خاص انشورنس مصنوعات متعارف ڪرايون وينديون، جڏهن ته قدرتي آفتن ۽ موسمي خطرن کان تحفظ لاءِ جديد انشورنس نظام کي هٿي ڏني ويندي. اي ڊي بي ٻڌايو ته سيٽلائيٽ بيسڊ رسڪ اسيسمينٽ ۽ ڊجيٽل انشورنس سهولتون متعارف ڪرايون وينديون، جڏهن ته انشورنس ڪليمز نظام کي بهتر ڪري خدمتن تائين پهچ آسان بڻائي ويندي. اداري موجب هي پروگرام ڊگهي مدي واري بچت، سيڙپڪاري ۽ انفراسٽرڪچر فنانسنگ ۾ به مددگار ثابت ٿيندو، جڏهن ته پاڪستان جو انشورنس شعبو روايتي نظام مان نڪري جديد رسڪ بيسڊ ماڊل ڏانهن منتقل ٿيندو. اي ڊي بي چيو ته سڌارن سان ملڪ ۾ مقابلي واري، جامع ۽ مضبوط انشورنس مارڪيٽ قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي، قرض ذريعي بانڊ مارڪيٽ ۽ نجي پينشن پراڊڪٽس جي ترقي کي به هٿي ملندي. بينڪ جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايشيا ۽ بحرالڪاهل ۾ پائيدار ۽ جامع ترقي لاءِ ادارو سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
22.6 ° C
22.6 °
22.6 °
42 %
1.3kmh
99 %
خميس
23 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون