8 آڪٽوبر 2005ع ۾ آيل خوفناڪ زلزلي کي 18 ورهيه وهامي ويا، خوفناڪ زلزلو اڄ به ماڻھن جي ذهنن ۾ تازو آهي، زلزلي سبب لمحن ۾ وسنديون تباهه ٿي ويون ھيون.
پاڪستاني قوم ان سلسلي ۾ اڄ پنهنجي پيارن جي ورسي ملهائي رهي آهي.
مظفرآباد يونيورسٽي ۾ مک تقريب ڪوٺائي وئي ۽ 8 لڳي 52 منٽ تي هڪ منٽ لاءِ خاموشي اختيار ڪئي وئي.
آزاد ڪشمير جي وزيراعظم پاران شهيدن جي يادگار تي گل رکي فاتحه خواني ڪئي وئي.
پوليس جي دستي شهيدن جي يادگار تي سلامي پيش ڪئي .
8آڪٽوبر 2005ع تي آزاد ڪشمير ۽ ڪي پي ۾ زلزلي سبب 19 ھزار ٻارڙن سميت 87 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 80 لک متاثر ٿيا هئا.
مظفر آباد ۽ بالاڪوٽ زلزلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا هئا.
متاثر علائقن ۾ باغ، راولاڪوٽ، بٽگرام، ايبٽ آباد، ناران ڪاغان ۽ اسلام آباد شامل آهن.
زلزلي سبب 6 لک گهر، 17 هزار اسڪول ۽ اسپتالن سميت 78 هزار عمارتون پڻ ڍير ۾ تبديل ٿي ويون ھيون.
جابلو علائقي ۾ زلزلي کانپوءِ لينڊ سلائيڊنگ پڻ وڏي پيماني تي مواصلاتي نظام کي تباهه ڪيو ھو.
مجموعي طور تي زلزلي سبب ٿيندڙ نقصان جو ڪاٿو 5 ارب ڊالر لڳايو ويو ھو……….