8 فيبروري تي رڳو تيرن جي برسات ٿيندي، عوام پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي ڪامياب ڪندو: شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
پي ايس 61 جي پ پ اميدوار شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته 8 فيبروري تي رڳو تيرن جي برسات ٿيندي، عوام پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي ڪامياب ڪندو. ٽنڊي ڄام ۾ پ پ اڳواڻ مير شر محمد ٽالپر جي ميزباني ۾ رٿيل جلسي کي خطاب ڪندي پ پ اميدوار شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي ڪلين سوئيپ ڪندي. پي ايس 61 جي پ پ اميدوار شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم ٿيندو آهي ۽ ملڪ ترقي جون منزلون ماڻيندو. هن چيو ته عوام دوکي ۾ نه ايندو، حلوو کائڻ وارا اليڪشن ۾ حلوو کائڻ ايندا آهن، پيپلزپارٽي هميشه عوام جي مسئلن کي ترجيح ڏني آهي ۽ بنا فرق جي عوام جي خدمت ڪئي آهي. پ پ اميدوار شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن،  ۽ انهن علائقن ۾ به ڪم ڪرايا آهن جتان کين ووٽ يا سپورٽ نه ملندي آهي . شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته هو عوامي خدمت عبادت سمجهي ڪندا آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ به خدمت ڪندا رهندا. ان موقعي تي اين اي 2018 جي اميدوار سيد طارق حسين شاهه ڄاموٽ خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي جو مقابلو ڪنهن پارٽي سان نه آهي پر بـُک ۽ بدحالي سان آهي، انشاءُ الله عوام 8 فيبروري تي سڄي ملڪ ۾ پ پ اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندو….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.1 ° C
15.1 °
15.1 °
27%
1.3m/s
0%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون