ايندڙ 5 سالن دوران عوام جي پگهار ٻيڻي ڪري سولر جي ذريعي 300 يونٽ مفت بجلي ڏيندا: آصفه ڀٽو زرداري

- Advertisement -
شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي نياڻي ۽ پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڀيڻ آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته  هو واعدو ٿا ڪن ته  ايندڙ 5 سالن دوران عوام جي پگهار ٻيڻي ڪري سولر جي ذريعي 300 يونٽ مفت بجلي ڏيندا. لاڙڪاڻي ڀرسان انور آباد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي پي ايس 12 جي اميدوار سهيل انور سيال طرفان ڪوٺايل ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي آصفه ڀٽو زرداري  چيو ته ماڻهن جون مشڪلاتون سندن مشڪلاتون آهن جيڪي سندن ڏک ۽ خوشيءَ ۾ هميشه ساڻن بيٺا رهيا آهن. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ 20 لک گهر ٺهي رهيا آهن ۽ نه صرف گهر ٺهي رهيا آهن پر ماڻهن کي مالڪاڻا حق ڏنا پيا وڃن، جيڪڏهن حڪومت جي امانت بلاول کي حڪومت ملي ٿي ته هو پوري ملڪ ۾ 30 لک گهر ٺاهي حقدار عورتن کي مالڪاڻا حق ڏياريندو. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي جي رائيس ڪئنال جي ٻنهي طرف جي ڪچي آبادي کي ريگيولرائيز ڪرايو غريب کي گهرن جو مالڪ بڻايو ۽ انشاءَ الله موقعو مليو ته پوري پاڪستان ۾ ڪچي آبادين کي ريگيولرائيز ڪندا. سندس چوڻ هو ته ٻيا ماڻهو ته رڳو  ڪرسي جي لالچ ۾ سياست ڪندا آهن پر پاڪستان پيپلز پارٽي عوام لاءِ وڙهي رهي آهي جيئن هنن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪيو. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته شهيد قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ آرام ۾ آهن پر هو به هي تاڙيون ٻڌي سگهن ٿا، قوم ۽ غريبن توهان کي وساريو ناهي. هن چيو ته انشاءَ الله 8 فيبروري تي فتح عوام ۽ پيپلز پارٽي جي ٿيندي، جيئي عوام جيئي پاڪستان.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
13.2 ° C
13.2 °
13.2 °
31%
1.4m/s
1%
اڱارو
13 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
22 °
ڇنڇر
22 °

تازه ترين خبرون