تازه ترين

9مئي جو ڏينهن ملڪي تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن آهي:بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 9 مئي جو ڏهاڙو به ملڪي تاريخ جو هڪ ٻيو ڪارو ڏينهن آهي، انصاف جي گهرج آهي ته قائداعظم جي گهر ۽ فوجي ٿاڪن تي حملا ڪندڙن کي قانون کي منهن ڏيڻو پوندو.

9مئي سانحي جي ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 9 مئي جا واقعا ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ ۽ فسطائيت مڙهڻ جي ڪريل سازش هئي.

سندس چوڻ هو ته سڀني کي خبر آهي ته 9 مئي جا مذمت واقعا ڪنهن جي چوڻ تي ڪيا ويا.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان 9 مئي جي واقعن نظر انداز نٿو ڪري سگهي، ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ ڪنهن سياسي پارٽي طرفان اهڙن قدمن جو مثال نٿو ملي.

هن چيو ته ملڪ جا ڳجها دستاويز ليڪ ڪرڻ ۽ فوجي ٿاڪن تي حملا ڪرڻ سياست ناهي، ملڪ دشمني آهي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي اڄ به پنهنجي موقف تي قائم آهي ته 9 مئي واقعن جي چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ جوڊيشل انڪوائري ٿيڻ گهرجي، پر پي ٽي آءِ سميت سمورين پارٽين کي خاطري ڪرائڻي پوندي ته جوڊيشل ڪميشن جو فيصلو مڃيو ويندو.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.2 ° C
30.2 °
30.2 °
27 %
0.6kmh
0 %
جمعو
34 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °
سُومر
36 °
اڱارو
35 °

تازه ترين خبرون