صدر عارف علوي چيو آهي ته هو هميشه کان ڀڃ ڊاهه جي خلاف رهيو آهي، 9مئي واقعن جي مذمت ڪئي، هاڻي اڳتي وڃڻ لاءِ رستو کلڻ گهرجي.
خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي صدر عارف علوي چيو ته آئين چوي ٿو ايندڙ صدر چونڊجڻ تائين موجوده صدر ذميواريون جاري رکندو.
هن چيو ته هو ايوان صدر ۾ نه هجي ها ۽ پي ٽي آءِ دور ۾ وزير هجي ها ته اڄ جيل ۾ هجي ها.
صدر عارف علوي جو چوڻ آهي ته پارلياماني نظام ۾ ان ڳالهه جو امڪان رهندو آهي ته حڪومت مدو پورو نه ڪري سگهي، پاڪستان وڏين مشڪلاتن سان گڏ جمهوريت جي نظام تي قائم آهي.
صدر عارف علوي چيو ته هن چيو هو ته 6نومبر يا ان کان اڳ چونڊون ڪرايون وڃن، پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن لاءِ خط جو ڪو نتيجو نه نڪتو، اليڪشن ڪمشنر کي گهرايو پر هو نه آيو، قانون واري وزير کي گهرايو ته هن لکيو سندس اهو حق نه آهي.
صدر عارف علوي جو چوڻ هو ته آدمشماري جي معاملن تي مسئلا اچي رهيا هئا، هن وقت ملڪ کي جوڙڻ ضروي آهي، درگذر جي ڪيفيت سان قومون ٺهنديون آهن،
هن چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ شفاف انداز ۾ بئنچون ٺاهي رهيو آهي، جسٽس فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس سان سندس ڪو تعلق ناهي، وٽس ڪو ريفرنس ايندو آهي ته اهو ڪنهن نه ڪنهن طرف موڪلڻو هوندو آهي.
هن چيو ته سڀ ماڻهو ليول پليئنگ فيلڊ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن پر ملڪ جي مستقبل لاءِ ضروري آهي ته اليڪشن صاف ۽ شفاف ٿيڻ گهرجي.