- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته 9 مئي تي حملا ڪندڙ ٽولو نون طريقن سان پاڪستان خلاف وارداتون پيو ڪري، تحريڪ انصاف جي آفيشل ويب سائٽ تان آرمي چيف ۽ سندس خاندان خلاف پروپيگندا برداشت جوڳي ناهي، اتحادي حڪومت ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، پاڪستان جا مفاد بچائڻ لاءِ هو پوئتي نه هٽندا.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته فلسطين ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ ظلم ڪيا پيا وڃن، جنهن جو مثال نه ٿو ملي، 40 هزار فلسطيني مرد، عورتون ۽ ٻار شهيد ٿي چڪا آهن.
هن چيو ته جرمني ۽ ٻين ملڪن ۾پاڪستاني سفارتخانن تي حملا افسوسناڪ آهن، سفارتخانن جي حفاظت يقيني بڻائڻ لاڳاپيل ملڪن جي ذميواري آهي.
وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ جي ويب سائيٽ تان آرمي چيف تي تنقيد ڪئي پئي وڃي، مخصوص ٽولي 9 مئي تي ملڪي پاڙون ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڌرڻو هڻندڙ هاڻي نيون وارداتون ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي جي وارداتن ۾ اضافو ٿيو آهي، معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ قبولڻ جوڳو ناهي، خطي ۾ امن هوندو ته ترقي ۽ خوشحالي ايندي.
شهبازشريف چيو ته سڪيورٽي ادارن تي حملا منظم سازش آهي، پاڙيسري ملڪ سان دهشتگردي جا واقعا روڪڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڳالهيون ڪيون آهن، ٽي ٽي پي افغانستان ۾ ويهي پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪري رهي آهي.
وزيراعظم چيو ته اتحادي حڪومت ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، پاڪستان جا مفاد بچائڻ لاءِ هو پوئتي نه هٽندا.
شهبازشريف چيو ته ويزا پاليسيءَ ۾ نرميءَ سان پاڪستان ٻاهران ايندڙن لاءِ پرڪشش ملڪ بڻجي ويو آهي، جن ملڪن کان ويزا في نه پئي ورتي وڃي، انهن جو انگ 126 ٿي چڪو آهي، ٻاهران ايندڙ سياحن ۽ واپارين کان ويزا في نه ورتي ويندي- Advertisement -
