9 مئي واقعن کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو، اڄ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪارو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي.
جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ اڄ خاص تقريب ڪوٺائي ويندي جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف شرڪت ڪندا.
وفاقي ڪابينا جو خصوصي اجلاس به پارليامينٽ هائوس ۾ اڄ طلب ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي فورم تان 9 مئي سانحي تي خصوصي پيغام ڏيندو.
ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ 9 مئي واقعي جي مذمت ۽ شهيد سان ٻڌي جو اظهار ڪيو ويندو.
هوڏانهن اڄ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍي ۽ تقريبون ڪوٺائي پاڪ فوج سان ٻڌيءَ جو اظهار ڪيو ويندو.