تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ ۾ ڏهن سالن ۾ ڀرپور ڪم ٿيو، بلاول ڀٽو زرداري جي مدد سان اهي ڪم ڪيا: مراد علي شاهه

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ڏهن سالن ۾ ڀرپور ڪم ٿيو، بلاول ڀٽو زرداري جي مدد سان اهي ڪم ڪيا جيڪي نه پئي ڪري سگهيا، گذريل سال ٻوڏ سبب وڏي تباهي آئي، متاثر علائقن ۾ بحالي جو ڪم هنگامي بنيادن تي ڪيو، ڪڻڪ جي بهتر امدادي قيمت سبب رڪارڊ پيداوار ٿي، پ پ چيئرمين جي ڪوششن سان عالمي برداري متاثرن جي مدد ڪئي، متاثر علائقن ۾ بنيادي ڍانچي جي تعمير لاءِ رقم رکي وئي، وفاق کان گهوٽڪي ۾ روڊن جي تعمير لاءِ اربين رپيا منظور ڪرايا.

گهوٽڪي ۾ ٻوڏ متاثرن کي گهرن جا مالڪاڻه حق ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته 2022ع واري ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، گهوٽڪي ٻوڏ متاثر علائقن مان هڪ هو.

سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ دوران متاثرن کي فوري طور رليف ڏنو، پ پ حڪومت ۽ اڳواڻن متاثرن علائقن جو فوري طور دورو ڪيو، هو هر شخص تائين پهتا، ٿورو يا گهڻو رليف ڏنو.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٻوڏ جي پاڻيءَ سبب آبادگارن کي گهڻو نقصان ٿيو، ڪڻڪ جي في مڻ قيمت 4 هزار مقرر ڪيو ويو، آبادگار وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ پوکي ۽ هو بحران کان بچي ويا.

هن چيو ته سندن پهرين ڪوشش هئي ته ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو وڃي، ڪوشش ڪئي ته ٻوڏ جي پاڻي کي علائقن مان ڪڍيو وڃي، خطي جي سڀ کان وڏي ٻوڏ آئي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ٻوڏ سبب 21 لک گهر مڪمل يا جزوي طور تباهه ٿيا، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ماڻهن کي سڀ کان وڌيڪ گهرن جي ضرورت آهي، ايندڙ چونڊن ۾ پ پ اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي ۽ بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم بڻجي عوام جي خدمت ڪندو

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
17.8 ° C
17.8 °
17.8 °
43 %
2kmh
73 %
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون