وزيراعظم شهباز شريف ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض وٽ نگران وزيراعطم جو نالو طئي ڪرڻ جو اڄ آخري ڏينهن آهي جڏهن ته نالو فائنل نه ٿيو ته معاملو پارلياماني ڪميٽي ڏانهن هليو ويندو.
قومي اسيمبلي ٽٽڻ کي 3 ڏينهن ٿي ويا، نگران وزيراعظم ڪير ٿيندو؟، اڃا تائين فيصلو نه ٿي سگهيو.
نگران وزيراعظم جي ڊوڙ ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي به شامل آهي.
اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري جليل عباس جيلاني، حفيظ شيخ، شاهد خاقان عباسي، جسٽس رٽائرڊ تصدق جيلاني ۽ جسٽس رٽائرڊ خليل رمدي جي نالي تي به غور ڪيو پيو وڃي.
صدر عارف علوي به اڄ نگران وزيراعظم جو نالو گهري ورتو.
