تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ملڪي سطح تي ڪيل واعدن کي پورو ڪيو ويندو، قانون جي حڪمراني تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي : نگران وزيراعظم

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پرڏيهي ۽ ملڪي سطح تي ڪيل واعدن کي پورو ڪيو ويندو، قانون جي حڪمراني تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي،  سياست ۽ قانون کي الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، معاشري ۾ مذهبي انتها پسندي جي ڪا به گنجائش ناهي، اقليتي برادري کي تحفظ فراهم ڪيو ويندو، پاڪستان زرعي ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال ملڪ آهي، ملڪي ترقي جو بنياد رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

نگران ڪابينا جي پهرين اجلاس کي خطاب ڪندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پرڏيهي ۽ ملڪي سطح تي ڪيل واعدن کي پورو ڪيو ويندو، معاشي مسئلن جي حل لاءِ بهترين قدم کنيا ويندا.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان زرعي ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال ملڪ آهي، هو قائداعظم ۽ علامه اقبال جي ويزن عمل ڪري ملڪي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪندا ۽ مقرر مدي ۾ ملڪي ترقي جو بنياد رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته کيس پنهنجي ٽيم تي فخر آهي هي هڪ تجربيڪار ۽ بهترين ٽيم آهي، يقين آهي الله پاڪ کين ڪامياب ڪندو ۽ سمورن وزيرن مان اميد آهي ته هو پنهنجي پنهنجي وزارتن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.

هن چيو ته رياست اقليتن کي نقصان پهچائيندڙ عنصرن سان گڏ ناهي، اڪثريت جو ڪم اقليت جو تحفظ ڪرڻ آهي، رول آف آرڊر سان ئي قانون جي حڪمراني آهي.

نگران وزيراعظم انوار الحق چيو ته هو قانون جي حڪمراني تي ڪوبه ٺاهه نه ڪندا، قدامت پسند رجحان جي حوصلا شڪني ڪئي وڃي، اڃا ملڪ جو ماحول ورهايل آهي، کين سياست ۽ قانون ۾ فرق ڪرڻو پوندو جيڪڏهن انارڪي هوندي ته گورننس، سيڪولر ۽ مذهبي نظام نه هلي سگهندو.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان سمورن مذهبن ۽ نسلن جو ملڪ آهي، حق نالي تي نه پر ڪردار ۽ رويي تي ڏنا ويندا.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ 9 مئي تي تحريڪ انصاف چيئرمين جي گرفتاريءَ بعد پيش آيل واقعن تي به مايوسي جو اظهار ڪيو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
17.7 ° C
17.7 °
17.7 °
31 %
3kmh
64 %
ڇنڇر
18 °
آچر
22 °
سُومر
20 °
اڱارو
18 °
اربع
16 °

تازه ترين خبرون