تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سيد مراد علي شاهه ۽ ڪراچي جي ميئر سميت پارٽي اڳواڻن ملاقات

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ڪراچي جي ميئر سميت پارٽي اڳواڻن ملاقات ڪري کيس سياسي صورتحال ۽ پنهنجي تڪن بابت آگاهي ڏني.

بلاول هائوس ۾ پارٽي چيئرمين سان اڳوڻن ڪابينا ميمبرن ۽ سنڌ ۽ بلوچستان جي پارٽي اڳواڻن الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون.

سيد مراد علي شاھ  پ پ چيئرمين سان ملاقات دوران صوبي جي مجموعي سياسي صورت حال تي ڳالھه ٻولھه ڪئي.

پ پ  بلوچستان جي صدر چنگيز خان جمالي به چيئرمين سان ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ بلوچستان جي سياسي ۽ تنظيمي صورت حال تي به ڳالھ ٻولهه ڪئي.

ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب پارٽي چيئرمين کي ڪراچي ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ عوام کي ملندڙ سهولتن بابت آگاهي ڏني.

مرتضيٰ وهاب ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۾ کنيل قدمن بابت بلاول ڀٽو زرداري کي آگاهه ڪيو.

ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ڪائونسل ۾ پ پ جي پارلياماني اڳواڻ نجمي عالم به پ پ چيئرمين سان ملاقات ڪئي.

نجمي عالم سياسي صورتحال کانسواءِڪراچي جي عوام جي مسئلن جي حل بابت پارٽي چيئرمين کي بريفنگ ڏني.

سنڌ اسمبلي جي اڳوڻي ميمبر فياض ٻُٽ به چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي  ۽ کيس دادو ضلعي جي سياسي صورتحال بابت آگاهه ڪيو.

اڳوڻي ميمبر سنڌ اسمبلي نواز چانڊئي ۽ سندس ڀائٽي سجاد چانڊئي به پ پ چيئرمين سان ملاقات ڪئي ۽ بدين جي سياسي صورت حال ۽ مسئلن بابت چيئرمين کي آگاھي ڏني وئي. اڳوڻي سنڌ اسمبلي ميمبر امداد علي پتافي پڻ پارٽي چيئرمين سان ملاقات ڪري ٽنڊي الهيار جي سياسي صورت حال توڙي مسئلن بابت بلاول ڀٽو زرداري کي بريفنگ ڏني.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
20.3 ° C
20.3 °
20.3 °
23 %
2.1kmh
60 %
اربع
29 °
خميس
28 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون