عام چونڊن ۾ دير ٿي سگهي ٿي: خورشيد شاهه

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته عام چونڊن ۾ دير ٿي سگهي ٿي، ملڪ ۾ پھريون ڀيرو آئين تحت حڪومت کي ھٽايو ويو پر ٿوري وقت ۾ مھانگائي تي ضابطو آڻڻ سولو ڪم نه هو.

روھڙي ويجهو  ڳوٺ بنڊ ٽاري ۾ جلسي کي خطاب ڪندي خورشيد شاھ چيو ته خبر ناهي اليڪشن ڪڏهن ٿيندي، اندازي موجب گهٽ ۾ 8 مھينا لڳي سگھن ٿا.

هن چيو ته 2018 کانپوءِ مھانگائي ۾ واڌ ٿي آهي، مخالف ڌر ۾ ھوندي به حڪومت سان عوام مٿان مهانگائي جو بار ھٽائڻ ۽ مسئلن جي حل لاءِ ڳالھيون ڪندا رهيا پر حڪومت چيو اوھان کي اين آر او نه ڏيندا، هنن ڪڏهن به اين آر او جي گھر نه ڪئي ھئي.

سندس چوڻ هو ته پھريون ڀيرو آئين موجب حڪومت کي ھٽايو ويو پر انھن جي ڪرتوتن سبب مھانگائي تي ٿوري وقت ۾ ضابطو آڻڻ آسان نه هو.

خورشيد شاهه چيو ته سنڌ حڪومت نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ لاءِ تيار ھئي پر نوڪرين جا آرڊر جاري ڪرڻ تي اسٽي آرڊر لڳائي غريبن کان روزگار جو موقعو کسيو ويو.

هن چيو ته شهيد صحافي جان محمد مھر جي واقعي تي کيس ڏک آھي.  ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر امداد علي ميراڻي، چيئرمين ميونسپل ڪميٽي روھڙي سيد مير يعقوب علي شاھ، سيد صادق علي شاھ ، سيد ذوالفقار علي شاھ، شفقت شر ۽ ٻيا موجود هئا.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.1 ° C
25.1 °
25.1 °
34%
3.1m/s
0%
سُومر
25 °
اڱارو
30 °
اربع
31 °
خميس
31 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون