سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سياسي سماجي تنظيمن ۽ قلم ڌڻين پاران احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.
ڪشمور ۾ قلم ڌڻين ۽ سوسائٽي طرفان صحافي جان محمد مهر جي قاتلن ۽ مددگارن جي گرفتاري لاءِ راڻا غفار علي، جئرام داس، ساجن شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ نادرا چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
لکي غلام شاهه ۾ قلم ڌڻين، سياسي سماجي ڌرين ۽ سوسائٽي پاران صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ساگر جبار، گوگي رام، هدايت الله مهر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب کان سکر شڪارپور روڊ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري هنيو ويو.
اڳواڻن چيو ته صحافي جان محمد مهر جي قتل واري واقعي جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي.
هنن چيو ته جان محمد مهر جو قتل قلم ڌڻين ۽ انسانيت جو قتل، حق سچ جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش آهي.
اڳواڻن مطالبو ڪيو ته صحافي جان محمد مهر جي قاتلن ۽ مددگارن کي گرفتار ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.
