تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي ريليون

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري ۽  نينگري فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف سياسي سماجي تنظيمن ۽ قلم ڌڻين پاران احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

مورو ويجهو نوان جتوئي شهر ۾ نينگري فاطمه ڦرڙو جي ۽ صحافي جان محمد ڦرڙو جي بيرحماڻي قتل خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي، شهرين ۽ سماجي تنظيمن پاران سڌير ميرالي، دائود عمراڻي، استاد اعجاز پٺاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

وڳڻ ۾ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري ۽ نينگري فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ صحافين ۽ آل پارٽيز ايڪشن ڪاميٽي پاران نادر ممتاز ڀنڊ، اعجاز چولياڻي، حسن علي مغيري، عباس علي مغيري، ارباب علي چولياڻي، ظفر علي مغيري، ضمير خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پيارولنڊ ۾ شهيد جان محمد مهر ۽ فاطمه ڦرڙو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين پاران ٽنڊو الهيار-جهنڊو مري روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو.

ڪڙيون گهنور ۾ نينگري فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ شهرين طرفان گيان چند مهيشوري، پير فراز، ذوالفقار ڪنڀار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

اڳواڻن چيو ته صحافي جان محمد مهر ۽ فاطما ڦرڙو واقعي جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي.

هنن چيو ته جان محمد مهر جو قتل قلم ڌڻين ۽ انسانيت جو قتل، حق سچ جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش آهي، پيراڻي حويلي ۾ نينگري فاطمه ڦرڙو جو تڙپي تڙپي فوت ٿي انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهھ آھي.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته صحافي جان محمد مهر  ۽  نينگري فاطمه ڦرڙو جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
46 %
2.8kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
34 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون