تازه ترين

اليڪشن ڪميشن پاڪستان جي عام چونڊن لاءِ سياسي جماعتن مشاورت جي دعوت تي پاڪستان تحريڪ انصاف ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي عام چونڊن لاءِ سياسي جماعتن مشاورت جي دعوت تي پاڪستان تحريڪ انصاف ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي ڪميٽي ۾ سينيٽر علي ظفر، بيرسٽرگوهر ۽ عمير نيازي شامل آهن.

ٻئي پاسي جي يو آءِ ف جو وفد به مولانا عبدالغفور حيدريءَ جي سربراهي ۾ اڄ منجهند ٽئين وڳي اليڪشن ڪميشن ويندو.

هوڏانهن مسلم ليگ نون جي سيڪريٽري اطلاعات مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته چونڊ عمل تي مشاورت لاءِ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ن ليگ کي باضابطه دعوت ڏني آهي.

پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ن ليگ کي 25 آگسٽ تي صبح يارهين وڳي ملاقات جي دعوت ڏني آهي.

هن چيو ته مسلم ليگ ن اليڪشن ڪميشن وڃڻ لاءِ 7 رڪني پارٽي وفد جوڙيو آهي.

مريم اورنگزيب موجب، اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات لاءِ ن ليگي وفد ۾ احسن اقبال، سينيٽر اعظم نذير تارڙ، زاهد حمد، رانا ثناءُ الله، خواجا سعد رفيق، انجنيئر امير مقام ۽ عطاءُ الله تارڙ شامل آهن……

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
4 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
17 %
6.3kmh
0 %
ڇنڇر
31 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °

تازه ترين خبرون