تازه ترين

سعودي عرب جي ڪابينا گڏيل طور تي ايران سان لاڳاپن جي بحالي جي آجيان

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سعودي عرب جي ڪابينا گڏيل طور تي ايران سان لاڳاپن جي بحالي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته هو ايران سان لاڳاپن جي نئين دور جي شروعات جا منتظر آهن.

سعودي ميڊيا موجب سعودي ڪابينا جي اجلاس ۾ ايران سان سفارتي لاڳاپن جي بحالي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ان کي قومي مفاد قرار ڏيندي چيو ته هو لاڳاپن جي بحالي بابت معاهدي جي ٻين نڪتن تي عملدرآمد جو انتظار ڪري رهيا آهن.

سعودي ڪابينا ايران سان ٿيل معاهدي تي عملدرآمد جي حوالي سان باضابطه حڪمت عملي جوڙڻ تي به غور ڪيو ۽ ان اميد جو به اظهار ڪيو ته ايران معاهدي تي عملدرآمد لاءِ تيزي ڏيکاريندو.

ملاقات کانپوءِ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سعودي ايران گڏيل مفادن ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل لاڳاپن جي نئين دور جا منتظر آهن.

عرب ميڊيا موجب، سعودي ڪابينا جو هي غير معمولي اجلاس ايراني پرڏيهي وزير جي سعودي عرب جي دوري ۽ ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات کانپوءِ ٿيو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
4 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
17 %
6.3kmh
0 %
ڇنڇر
31 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °

تازه ترين خبرون