تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

فريدآباد: ناري جي مبينا اغوا معاملو، تيوڻا ۽ خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،عورتن ۽ ٻارڙن سميت 17ڄڻا زخمي .

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڳو

فريدآباد ويجهو ناري جي مبينا اغوا جي معاملي تان تيوڻا ۽ خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران عورتن ۽ ٻارڙن سميت 17ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڳوٺ الھڏني تيوڻي ۾ تيوڻا ۽ خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ناري ثمينا تيوڻو جي اغوا واري مامري تان ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو.

جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا،  زخمين ۾ عورتون ۽ ٻارڙا شامل آهن

تيوڻا ڌر جي زخمين ۾ طاھره، عظميه، آمنا عمر، فاروق، غلام نبي، عبدالخالق جاني، امام علي، نياز اڪرم، نياز، ٻارڙو،حليم ۽ امداد شامل آهن، جڏهن ته خاصخيلي ڌر جي زخمين ۾  ڄام خان، عبدالوھاب، رياض، صدام، عبدالمالڪ، اعجاز خاصخيلي، ولي محمد ۽ ٻيا شامل آهن.

تيوڻا ڌر جي ماڻهن زخمين سميت ٿاڻي آڏو ڌرڻو هڻي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي .

احتجاج ڪندڙ عاشق تيوڻي ۽ ٻين چيو ته پوليس خاصخيلي ڌر جي ونگار وهي رهي آهي، ٻئي پاسي خاصخيلي ڌر جي حافظ عبدالوھاب چيو ته تيوڻا ڌر جي ناري کي سندن ماڻهن اغوا ئي نه ڪيو آهي، ڪوڙا الزام هنيا پيا وڃن.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
22.6 ° C
22.6 °
22.6 °
31 %
1kmh
100 %
خميس
23 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °
سُومر
30 °

تازه ترين خبرون