وارهه ۾ نينگري سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ شهرين طرفان چوٿين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو آهي.
شهرين ، محمد پنهل عباسي، قاري حنيف ڇٽو، ڪامريڊ سرتاج چانڊيو، عبدالوهاب ڇٽو، نياز حيديم اظھر اميراڻي، شهاب الدين ڏيپر، ساحل سڪندر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهيد فاضل راهو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو .
اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوليس اڃا تائين نينگري نازيا چنو سان زيادتي ڪندڙ سمورا جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيوته شهر ۾ امن امان بحال ڪرائي نينگري سان ڏاڍائي ڪندڙ سمورن جوابدارن کي ڦاهي ڏني وڃي.
