ڪنڌ ڪوٽ، غوثپور ۽ ڪرمپور ۾ بدامنيءَ خلاف شٽربند هڙتال، مظاهرا

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

 ڪنڌڪوٽ، غوثپور ۽ ڪرمپور ۾ بدامنيءَ ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ شٽربند هڙتال ڪري هندو پنچائت، سول سوسائٽي، جي يو آءِ ۽ ٻين سياسي سماجي ڌرين پاران احتجاجي ريليون ڪڍي  ڌرڻا هنيا ويا.

ڪشمور ۾ اغوا ٿيل ساگر ڪمار، ڊاڪٽر منير احمد نائچ، مکي جڳديش ڪمار نينگر جئديپ ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ هندو برادري پاران ڪاروبار بند ڪري نادرا چوڪ تي  احتجاجي مظاهرو  ڪري ڌرڻو هنيو ويو..

ڪنڌڪوٽ ۾ به شٽر بند هڙتال ڪري ھندو پنچائت، سول سوسائٽي ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪن طرفان ڊاڪٽر ميھر چند، جئرام داس، تلسي داس، دلمراد ڏاھاڻي، اڪرم باجڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي گهنٽا گهر چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.

غوثپور۾ ھندو پنچائت ۽ جي يو آءِ  جي سڏ تي مغوين جي بازيابي ۽ بدامني خلاف مڪمل شٽر بند ھڙتال ڪري مکي سريش لال، چوڌري رميش لال، سيد سھيل شاھه، مولوي سائين بخش، سعداالله اوڳاھي، ثناءُ الله اوڳاھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ڪرمپور ۾ مکي جڳديش ڪمار، جئي ديپ، ساگر ڪمار سميت  سمورن  مغوين جي بازيابي لاءِ ھندو پنچائت جي سڏ تي شهر ۾ مڪمل شٽر بند ھڙتال ڪئي وئي.

بڊاڻي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ شٽر بند هڙتال ڪري هندو برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڪشمور ضلعي ۾ ڪٿي به پوليس جي رٽ نظر نٿي اچي، پوليس مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته  سمورن مغوين کي بازياب ڪرائي بدامني کي ٻنجو ڏنو وڃي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.1 ° C
22.1 °
22.1 °
35%
4m/s
0%
جمعو
34 °
ڇنڇر
34 °
آچر
33 °
سُومر
32 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون