تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

نگران حڪومت عوام تي مهانگائي جا بم ڪيرائي ڇڏيا : حليم عادل شيخ

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ چيو آهي ته نگران حڪومت عوام تي مهانگائي جا بم ڪيرائي ڇڏيا آهن، پيٽرول 3 سئو رپيا في لٽر کان وڌي ويو آهي، بجلي ۽ اٽي سميت هر شيءِ مهانگي ڪئي وئي آهي، هو عوام سان گڏ بيهڻ لاءِ آيا آهن، واپاري برادري جي مهانگائي خلاف احتجاج جي حمايت ڪن ٿا ۽ ساڻن گڏ آهن.

سٽي ڪورٽ ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي حليم عادل شيخ چيو ته هائيڪورٽ جي دروازي وٽان پوليس کيس گرفتار ڪيو آهي، وڪيلن طرفان گرفتاري وارنٽ پڇا ڪرڻ تي سرڪاري ڪم ۾ مداخلت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته پوليس چئي رهي آهي کين ڪا خبر ناهي، هدايتون آيون آهن ته ڪرڻو ٿو پئي، پهريان به زرداري مافيا کيس قتل ڪرائڻ چاهي پئي.

تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ چيو ته پهريان به ٻين جي ڪلهي تي بندوق رکي کيس قتل ڪرائڻ پئي چاهيو، جنهن تي هن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکيو هو.

هن چيو ته سنڌ ۾ تحريڪ انصاف طرفان 6 سيپٽمبر تي بچاءَ جو ڏهاڙو ملهايو ويندو، رات جو صوبي ۾ ڏيئا ٻاريا ويندا ۽ ڏينهن ۾ شهيدن جي قبرن تي وڃي فاتحه خواني ڪري شهيدن توڙي غازين کي سلام پيش ڪرڻ لاءِ سندن وارثن سان ملاقاتون ڪندا.

تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ چيو ته نگران حڪومت عوام تي مهانگائي جا بم ڪيرائي ڇڏيا آهن، پيٽرول 3 سئو رپيا في لٽر کان وڌي ويو آهي، بجلي ۽ اٽي سميت هر شيءِ مهانگي ڪئي وئي آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
20.1 ° C
20.1 °
20.1 °
45 %
1.2kmh
21 %
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
30 °
اربع
28 °

تازه ترين خبرون