نيب ترميمن کانپوءِ فائدو حاصل ڪندڙ جوابدارن جي لسٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن سان هلندڙ سال فائدو حاصل ڪندڙ ماڻهن جي رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف تحريڪ انصاف چيئرمين جي درخواست جي ٻڌڻي دوران ستن صفحن تي ٻڌل رپورٽ جمع ڪرائي وئي.

نيب جي رپورٽ موجب، هلندڙ سال 30 آگسٽ تائين 12 ريفرنس نيب عدالتن کان منتقل ٿيا آهن.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف پارڪ لين ريفرنس احتساب عدالت ترميمن بعد واپس ڪري ڇڏيو، ترميمن سان فائدو حاصل ڪندڙن ۾ اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به شامل آهن.

رپورٽ موجب، خورشيد شاهه، انور جمالي، منظور قادر ڪاڪا ۽ انور مجيد جا نيب ڪيس به منتقل ڪيا ويا جڏهن ته جعلي اڪائونٽس ڪيس جي مرڪزي جوابدار حسين لوائي جو ڪيس به نيب جي دائري کان ٻاهر ٿي ويو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اومني گروپ جي عبدالغني مجيد خلاف نيب ڪيس به احتساب عدالت کان واپس ٿي ويو، هلندڙ سال مجموعي طور تي 22 ڪيس احتساب عدالتن کان واپس ٿيا، نيب ترميمن جي روشني ۾ 25 ڪيس ٻين فورمز کي منتقل ڪيا ويا.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
41%
4.4m/s
63%
جمعو
34 °
ڇنڇر
34 °
آچر
33 °
سُومر
33 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون