تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪراچي سڄي ملڪ کي هلائي ٿو پر هتي گند ڪچرو نٿو کنيو وڃي، طلال چوڌري

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

مسلم ليگ نون جي اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته ڪراچي سڄي ملڪ کي هلائي ٿو پر هتي گند ڪچرو نٿو کنيو وڃي، لاهور ۽ ڪراچي کي ڏسو ليڊر شپ جو فرق واضح نظر ايندو، لاهور صاف لڳو پيو آهي ۽ ڪراچي کڏا آهي، ڪراچي شهر کي به شهباز شريف جي ضرورت آهي.

ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي طلال چوڌري چيو ته مريم نواز جي هدايت تي ڪراچي آيو آهي، ڪراچي اچڻ جو مقصد پارٽي کي ري آرگنائيز ڪرڻ آهي، هو يوٿ ونگ کي مضبوط ڪرڻ آيا آهن، حنا بٽ به ساڻن گڏ آهي.

سندس چوڻ هو ته عام چونڊن جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، راڄڌاني ڪراچي سميت سڄي صوبي جي تڪن ۾ چونڊ وڙهندا، ماڻهو ووٽ سٺي ڪارڪردگي وارن کي ڏين گانا وڄائڻ ۽ نعرا لڳائيندڙن کي نه.

مسلم ليگ نون جي اڳواڻ طلال چوڌري چيو ته ڪراچي کي موٽري وي، ڪي فور منصوبو ۽ امن ن ليگ ڏنو، نيت هجي ته ڪم ٿيندو آهي، سياسي طور تي هن شهر کان ڪجهه ناهي ورتو پر ڏنو آهي.

هن چيو ته لاهور اچي ڏسو اتي روڊن کي دوتو ويندو آهي، ڪراچي وارا کي چوندو ته ووٽ ان کي ڏين جنهن ڪم ڪيو آهي، هو ڪراچي کي لاهور پلس بڻائيندا، پنجاب ۾ ڪارپٽ روڊ آهن جيڪي ڪراچي ۾ ناهن.

مسلم ليگ نون جي اڳواڻ طلال چوڌري چيو ته هڪ نالائق ترين وڏي وزير کي مٿن مڙهيو ويو جيڪو سندن جيان ڪم نه ڪري سگهيو، سندن وٽ پنجاب ۾ اميدوار مڪمل آهن، ڪنهن سان اتحاد يا سيٽ ايڊجسٽمينٽ نه ٿيندي، سنڌ ۾ به اهڙي طرح چونڊ وڙهندا.

سندس چوڻ هو ته شهباز شريف ن ليگ جو نه پر پاڪستان جو وزيراعظم بڻيو ۽ ڪم ڪيو، پنجاب ۾ سندن ڪنهن سان مقابلو ناهي، هڪ پارٽي سان مقابلو هو اها 9 مئي جي ترتوتن جو جواب ڏئي رهي آهي.

مسلم ليگ نون جي اڳواڻ طلال چوڌري چيو ته جن ماڻهن ڪور ڪمانڊر هائوس نه ڇڏيو اهي پولنگ اسٽيشن کي ڇا ڇڏيندا، پي ٽي آءِ چيئرمين ملڪ دشمنن کان فنڊ ۽ مدد وٺندو رهيو، توشاخانه، فارن فنڊنگ ۽ سائفر جو جواب ته ڏئي، ن ليگ نه ڪيل گناهن جي سزا ڀوڳي آهي، هو ايندڙ عام چونڊ نواز شريف جي قيادت ۾ وڙهندا ۽ سنڌ ۾ ڪلين سوئيپ ڪندا.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
21.6 ° C
21.6 °
21.6 °
39 %
3.5kmh
34 %
آچر
31 °
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °
خميس
26 °

تازه ترين خبرون