تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ اسيمبليءَ جي آفيسرن وچ ۾ اختيارن جي جنگ سبب پول کُلڻ شروع ٿي ويا

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ اسيمبليءَ جي آفيسرن وچ ۾ اختيارن جي جنگ سبب پول کُلڻ شروع ٿي ويا جڏهن ته 5 ڪروڙ ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي.

سنڌ اسمبليءَ جي سينيئر سيڪريٽري محمد خان رند، ٻن ايڊيشنل سيڪريٽرين ۽ اسسٽنٽ سيڪريٽري جا ثبوت چيف سيڪريٽري حوالي ڪري ڇڏيا.

محمد حبيب سميجو، طارق حسين مهر ۽ منور علي راهو ملازمن جي اسپيشل الائونس ۽ اعزازيي ۾ ڪرپشن ڪئي.

اعزازيي ۽ اسپيشل الائونس جي مد ۾ 17 ڪروڙ 46 لک 20 هزار 407 رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي.

ٽنهي آفيسرن سنڌ اسيمبلي ملازمن کان انڪم ٽيڪس بچائڻ جي نالي تي ٻه ڪروڙ رپيا روڪ ۽ چيڪ وصول ڪيا.

هڪ سئو کان وڌيڪ ملازمن ڪيش بدران چيڪ ڏنا جنهن جي نشاندهي ٽنهي آفيسرن جي صحي ڪيل رقم جي وصولي ذريعي ڪئي.

گريڊ 18 جي ​​ملازمن کان 50 هزار، گريڊ 14 کان 17 تائين 40 هزار وصولي ڪئي وئي.

يارهين کان تيرهين گريڊ تائين 20، ستين کان ڏهين گريڊ تائين 10 ۽ ٽئين کان ڇهين گريڊ جي ملازمن کان 5 هزار چيڪ يا ڪيش وصول ڪيا ويا.

سڌي ريت وصولي کانسواءِ  25 ملين رپيا انڪم ٽيڪس مد ۾ خزاني کي ڌار نقصان ڏنو ويو.

ملازمن کي رقم جي سيلري سلپ ۾ منتقل ڪرڻ بدران چيڪ جي صورت ۾ ڊي ڊي او اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي وئي.

اي جي سنڌ آفيس جي ملازمن جي ملوث هجڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي.

محمد خان رند چيف سيڪريٽري سنڌ کي خط لکي سمورن ثبوتن جي بنياد تي ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش ڪئي.

خط جي جواب ۾ اينٽي ڪرپشن معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

چيف سيڪريٽري سنڌ جيڪو اينٽي ڪرپشن جو چيئرمين به آهي ٽنهي آفيسرن کان اڄ ٽن سالن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.5 ° C
29.5 °
29.5 °
16 %
3.8kmh
5 %
آچر
31 °
سُومر
30 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون