تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

2ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن  جو اسڪول کان ٻاهر هجڻ قوم لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه ۽ چئلينج آهي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 2ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن  جو اسڪول کان ٻاهر هجڻ قوم لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه ۽ چئلينج آهي، جٽادار ترقي جو بنيادي معيار تعليم جي شرح آهي، اهڙن چئلينج جو مقابلو رڳو عوامي حڪومت ئي ڪري سگهي ٿي.

تعليم جا عالمي ڏهاڙي تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت سان گڏوگڏ موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ آيل قدرتي آفتن به تعليم جي شعبي کي سخت متاثر ڪيو.

هن چيو ته گذريل سال رڪارڊ برساتن سبب رڳو سنڌ ۾ 50 سيڪڙو اسڪولن جون عمارتون ٻوڏ سبب متاثر ٿيون.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تعليم شروع کان ئي پ پ جي پهرين ترجيح رهي آهي، قائد عوام جي دور ۾ تعليمي سڌارا متعارف ڪرايا ويا، ڀــُـٽي جي ئي دور ۾ ميٽرڪ تائين تعليم مفت ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.

پ پ چيئرمين چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ يونيورسٽيون قائم ڪيون ويون، شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومتن کي گهٽ عرصو هلڻ ڏنو ويو، پر ان باوجود هن تعليم جي بجيٽ ۾ اضافو ڪري اعليٰ تعليمي ادارا قائم ڪيا.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۾وفاقي حڪومت هجي يا سنڌ سرڪار عوامي حڪومت تعليم جي شرح ۾ اضافي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا، هو يقيني بڻائيندا ته ٻارن کي اعليٰ معيار جي تعليم نصيب ٿئي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
26.2 ° C
26.2 °
26.2 °
22 %
3.4kmh
89 %
آچر
26 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
29 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون