ميرپورماٿيلي ۾ مسجد جي پيش امام جي نينگر سان بدفعلي ڪرڻ واريون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.
شهر جي پراڻي مارڪيٽ واسي مولوي عظيم سومرو جي نينگر سان بدفعلي ڪرڻ بعد واري تصوير وائرل ٿيڻ بعد پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
ذريعن موجب، هڪ گينگ آهي جيڪا نينگرن کي مختلف قسم جون لالچون ڏئي ورغلائي بدفعلي ڪري وڊيوز ٺاھي کين بليڪ ميل ڪندي آهي.
ايس ايڇ او ميرپورماٿيلو قابل ڀيو ٻڌايو ته مولوي کي گرفتار ڪيو آهي، جوابدار موجب تصوير جعلي آھي. ايس ايڇ او ميرپورماٿيلو قابل ڀيو چيو ته معاملو سائبر ڪرائيم جو آھي، ليٽر لکي ڪاروائي لاءِ چيو آھي.
