تازه ترين

اليڪشن ڪميشن طرفان جنوري جي آخري هفتي ۾ عام چونڊن ڪرائڻ جو اعلان سٺو سنوڻ آهي: مولانا راشد محمود سومرو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل مولانا راشد محمود سومري چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان جنوري جي آخري هفتي ۾ عام چونڊن ڪرائڻ جو اعلان سٺو سنوڻ آهي، بروقت ۽ صاف چونڊون ڪرائڻ ۾ ئي مسئلن جو حل آهي، چونڊن جي اعلان بعد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذميواري آهي ته هو امن امان کي يقيني بڻائن، جي يو آءِ چونڊن لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.

لاڙڪاڻي ۾ جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي مجلس عامله جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ مولانا راشد محمود سومرو ايجنڊائن بابت بريفنگ ڏني.

 اجلاس کي خطاب ڪندي مولانا راشد محمود سومري چيو ته اليڪشن ڪميشن طرفان جنوري جي آخري هفتي ۾ ملڪ ۾ عام چونڊن ڪرائڻ جو اعلان سٺو سنوڻ آهي، بروقت ۽ صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ ئي مسئلن جو حل آهي.

هن چيو ته چونڊن جي اعلان بعد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذميواري آهي ته هو امن امان کي يقيني بڻائن، جي يو آءِ چونڊن لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.

مولانا راشد محمود سومري چيو ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته هاڻي ضرورت آهي ته سنڌ جي عوام کي مڙهيل زرداري مافيا مان ڇوٽڪارو ڏياري هڪ گرينڊ الائنس ذريعي متبادل پليٽ فارم فراهم ڪيو وڃي جنهن ۾ سياسي، مذهبي ۽ قومپرست پارٽين کي شامل ڪيو ويندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.9 ° C
29.9 °
29.9 °
30 %
7.7kmh
23 %
آچر
29 °
سُومر
34 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون