سنڌ جي مختلف شهرن ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي مهانگائي، پيٽروليم شين ۽ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.
دادو ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي مهانگائي، پيٽروليم شين ۽ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف موريل پنهور، ميهر گاڏهي، خالد جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو.
ٺري ميرواهه ۾ مهانگائي، پيٽروليم شين ۽ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف عوامي ايڪشن ڪميٽي طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.
شرجيل شر، نسيم، اعجاز، فيروز جوڳي ۽ ٻين ناڪا چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته حڪمرانن پيٽروليم شين جي اگهن ۾ مسلسل اضافو ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي.
هنن چيو ته حڪمرانن جي غلط پاليسين ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ مسلسل واڌ بعد عام واهپي جي شين جا اگهه به چوٽ چڙهي ويا آهن.
سندن چوڻ هو ته مهانگائي سبب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان ۽ آپگهات ڪرڻ تي مجبور آھن.
احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪري مهانگائي تي ضابطو آڻي عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.
