ٽنڊي ڄام ۾ ڳوٺاڻن ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ ۽ دڪان تي قبضي خلاف مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي.
ڳوٺ جيوڻ ملاح جي رهواسين مسمات ممتاز ملاح، بلال ملاح، شاهده ملاح ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو
ڳوٺاڻن چيو ته حبيب ملاح ۽ سجاد ملاح مٿان حاڪم زادي زال عبدالله ملاح جي فرياد تي زيادتي ڪرڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آھي. هنن چيو ته بااثرن جي پوليس ڌر بڻيل آھي، نوٽيس وٺي ڪوڙا ڪيس داخل ختم ڪري انصاف ۽ تحفظ فراھم ڪيو وڃي.
