اوٻاوڙي ويجهو جوابدار ڪارنهن الزام مڙھي پنھنجي زال کي ڪھاڙين جا واري ڪري قتل ڪري ڇڏيو آھي.
ڳوٺ مزار چاچڙ ۾ جوابدار قادر بخش چاچڙ پنهنجي گهرواري کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي عورت جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙھھ وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آھي تھ واقعو ڪارنھن تان پيش آيو آھي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا ھنيا پيا وڃن.
مقتول عورت جو لاش گھر پھچائڻ تي گھر ڀاتين ۾ ڪھرام مچي ويو.
