تازه ترين

سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي ڪامياب سفر کي 19 ورهيه مڪمل ٿيڻ تي سالگرهه ملهائي پئي وڃي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي ڪامياب سفر کي 19 ورهيه مڪمل ٿيڻ تي سالگرهه ملهائي پئي وڃي،”صدين جي تهذيب جو پڙاڏو“ جي سلوگن سان شروع ٿيل ثقافتي ٻڌي ۽ سجاڳيءَ لاءِ سنڌ ٽي وي جو سفر اڃا به جاري آهي، سنڌ ٽي وي نيوز ”مٽيءَ ۽ ماڻهوءَ جي سنگم“ جي نعري سان اڄ به عوام جو آواز آهي ۽ سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي ٽيم قدم قدم تي جرئت، جذبي ۽ بهادريءَ سان اڃا اڳتي وڌڻ لاءِ ڪوشان آهي.

سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي ڪامياب سفر کي 19 ورهيه مڪمل ٿيڻ تي سالگرهه ملهائي پئي وڃي.

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ محبوب چينل سنڌ ٽي وي جي 19هين سالگرهه تي تقريبون ڪوٺائي ڪيڪ ڪاٽيا پيا وڃن.

ڪنب پريس ڪلب ۾ شهرين ۽ قلم ڌڻين طرفان همت علي تمراڻي،  احمد علي رند، اوشاق ڄامڙي ۽ ٻين سنڌ ٽي وي جي 19هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو.

خانواهڻ ۾ سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي ڪامياب سفر کي 19 ورهيه مڪمل ٿيڻ تي سالگرهه تقريب ڪوٺائي وئي.

پريس ڪلب ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ مظهر ڪلهوڙو، شوڪت علي شاهه، مقيم سومرو، عامر سهتو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

تقريب دوران سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي ڪامياب سفر کي 19 ورهيه مڪمل ٿيڻ تي ڪيڪ ڪاٽيو ويو.

اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ هميشه مظلوم ماڻهن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين ڪردار ادا ڪيو آهي.

هنن چيو ته هو سنڌ ٽي وي جي 19هين سالگرهه تي سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر ۽ ايم ڊي اجيت ڪمار آهوجا سموري سٿ کي مبارڪ ڏين ٿا.

اڳواڻن چيو ته اميد آهي ته سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ اڳتي به سنڌ واسين جو آواز بڻجندو، بي پهچ ۽ مظلومن جو ڀرجهلو ٿيندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
26 %
2.9kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
34 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون