تازه ترين

وائس ايڊمرل نويد اشرف سامونڊي فوج جو نئون سربراهه مقرر

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

وائس ايڊمرل نويد اشرف سامونڊي فوج جو نئون سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي.

سامونڊي فوج جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويوته وائس نويد اشرف کي 7 آڪٽوبر تي ايڊمرل جي عهدي تي ترقي ڏني ويندي.

ترجمان چيو ته ڪمانڊ جي تبديليءَ واري تقريب 7 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندي.

سامونڊي فوج جي سربراهه چيو ته وائس ايڊمرل نويد اشرف 1989ع ۾ سامونڊي فوج جي آپريشنز برانچ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي ۽ هو اهم ڪمانڊ ۽ اسٽاف عهدن تي ڪم جو وسيع تجربو رکي ٿو.

وائس ايڊمرل نويد اشرف هن وقت نيول هيڊڪوارٽر ۾ چيف آف اسٽاف  طور فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي.

سامونڊي فوج جي ترجمان چيو ته وائس ايڊمرل نويد اشرف کي هلال امتياز ملٽري ۽ تمغه بسالت سان نوازيو ويو آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.6 ° C
29.6 °
29.6 °
17 %
1.8kmh
2 %
آچر
33 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون