ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته 21 آڪٽوبر تي نوازشريف واپس ايندو، هو چونڊن ۾ ڪامياب ٿي عوام کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو ڏياريندا
ماڊل ٽائون لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته نوازشريف جي واپسي هڪ وڏي اهميت اختيار ڪري وئي آهي، 2013ع ۾ به نوازشريف کي ڏکيون حالتون ورثي ۾ مليون هيون.
هن چيو ته 2017ع تائين مهانگائي، لوڊشيڊنگ ۽ بيروزگاري جو خاتمو آندو ويو، پر بدترين سازش ذريعي نوازشريف کي نااهل ڪيو يوو، سازشي ڪردار پاڻ شاهدي ڏئي چڪا آهن نوازشريف خلاف سازش ٿي.
احسن اقبال چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جڏهن آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪري رهيو هو ته هو رڙيون ڪري رهيا هئا ته اهو غريبن جي مستقبل سان سودو ڪري رهيا آهن، ان جو نتيجو بدترين مهانگائي جي صورت ۾ نڪتو.
ن ليگ اڳواڻ چيو ته اڄ عوام پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڪيل معاهدي جا نتيجا ڀوڳي رهيو آهي، هو چونڊن ۾ ڪامياب ٿي عوام کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو ڏياريندا.
