تازه ترين

نوازشريف انتقام وٺڻ نه پر ملڪ ۾ خوشحالي آڻڻ لاءِ ڏيهه واپس اچي رهيو آهي: اڳوڻو وزيراعظم شهبازشريف

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ن ليگ جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته نوازشريف انتقام وٺڻ نه پر ملڪ ۾ خوشحالي آڻڻ لاءِ ڏيهه واپس اچي رهيو آهي.

لاهور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي شهبازشريف چيو ته نوازشريف ملڪ مان اونداهيون ختم ڪيون، 5 ارب ڊالرن جي آڇ ٿڏي ائٽمي ڌماڪيا ڪيا.

هن چيو ته 2018ع ۾ اليڪشن ۾ تاريخي ڌانڌلي ڪري ملڪ جي عوام کي تعليم، علاج ۽ ترقي کان محروم ڪيو ويو.

شهبازشريف چيو ته نوازشريف واپس اچي پيو، ترقيءَ جو سفر جتان روڪيو ويو هو، اتان کان ئي شروع ٿيندو.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته عوام واعدو ڪري ته 21 ڪٽوبر تي نوازشريف جي شاندار آجيان ڪري پيغام ڏنو ويندو ته ساڻس زيادتي ٿي.

شهبازشريف چيو ته نوازشريف سان ٿيل ظلم ۽ زيادتي جي عوام کي خبر آهي، فيصلو ڪرڻو پوندو ته انتقام وٺڻو آهي يا عوام جي خدمت ڪرڻي آهي، نوازشريف انتقام وٺڻ نه پر ملڪي ترقي لاءِ اچي رهيو آهي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
33.1 ° C
33.1 °
33.1 °
12 %
4.6kmh
76 %
آچر
32 °
سُومر
34 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون