سيالڪوٽ ٻن ڄڻن وچ ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڄڻا مارجي ويا.
رنگ پورا ٿاڻي جي حد تلواڙه مغلان ۾ ٻن ڄڻن ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو.
جهيڙي دوران علي ۽ نديم هڪٻئي تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڄڻا موقعي تي مارجي ويا.
اطلاع تي حد جي پوليس پهچي ٻنهي جا لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا.
پوليس جو چوڻ آهي ته نديم ۽ علي جو معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
