تازه ترين

نوازشريف قانون آڏو پيش ٿي مقابلو ڪندو: اڳوڻو وزيراعظم شهبازشريف

- Advertisement -
ن ليگ جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته نوازشريف قانون آڏو پيش ٿي مقابلو ڪندو، سندس ڏيهه واپس اچڻ يا نه اچڻ بابت هاڻي سوال نه ڪرڻ گهرجي، پريشاني جي ڪابه ڳالهه ناهي، سٺو وقت ضرور ايندو، گڏيل حڪومت جي ڪوششن سان آءِ ايم ايف سان ڪامياب معاهدو ڪيو ويو، تحريڪ انصاف عالمي مالياتي فنڊ سان معاهدو ڪري پاڻ ئي شرط قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ملڪ ڏيوالو ٿي وڃي ها ته پئٽرول  ملڻ مشڪل ٿي وڃي ها، هڪ ٽولي پنهنجي سياست بچائڻ لاءِ رياست کي تباهه ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. ماڊل ٽائون لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته هو به سياست بچائڻ لاءِ رياست کي ٻوڙي پئي سهگيا، پر هنن رياست بچائي، اتحادي حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو. شهبازشريف چيو ته هڪ طرف کين معاشي بدحالي ورثي ۾ ملي، ٻئي پاسي لانگ مارچ ۽ ڌرڻا هئا، 9 مئي تي  پاڪ فوج خلاف بغاوت ٿي، پي ٽي آءِ حڪومت ذاتي مقصدن خاطر رياست کي تباهه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ن ليگ جي صدر چيو ته سندس قائد چوي ها ته سياست بچائڻي آهي ته هو ٻه منٽ به انتظار نه ڪري ها ۽ استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي ها. شهبازشريف چيو ته نوازشريف قانون آڏو پيش ٿي مقابلو ڪندو، سندس ڏيهه واپس اچڻ يا نه اچڻ بابت هاڻي سوال نه ڪرڻ گهرجي، پريشاني جي ڪابه ڳالهه ناهي، قانوني ماهرن نوازشريف کي گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي. اڳواڻي وزير اعظم چيو ته نوازشريف 21 آڪٽوبر تي ڏيهه واپس اچي مينار پاڪستان تي جلسو ڪندو ۽ معاشي خاڪو ٻڌائيندو.  
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
25.5 ° C
25.5 °
25.5 °
24 %
1.3kmh
69 %
آچر
26 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون