تازه ترين

سائفر ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 17 آڪٽوبر جي تاريخ مقرر

- Advertisement -
اسلام آباد جي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خاص عدالت سائفر ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 17 آڪٽوبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي. اسلام آباد جي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خاص عدالت جي جج ابو الحسنات تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي خلاف سائفر ڪيس جي اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي، وڪيل سلمان صفدر، ايف آءِ اي جي ٽيم ۽ جاچ آفيسر چالان جي ڪاپي سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيا. تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي اڊيالا جيل ۾ قائم عدالتي ڪمري ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت ۾ ٻڌڻي دوران سائفر ڪيس ۾ جوابدارن کي چالان جون ڪاپيون فراهم ڪيون ويون. عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ ڌيندي 17 آڪٽوبر تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
25.4 ° C
25.4 °
25.4 °
24 %
1.1kmh
15 %
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
34 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون