- Advertisement -
سپريم ڪورٽ، پارليامينٽ جي قانونسازيءَ جو اختيار درست قرار ڏيندي، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ برقرار رکڻ جو فيصلو ڏنو آهي، قانون ماضيءَ کان لاڳو ڪرڻ واري شق رد ٿي وئي، جنهن بعد سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ماضيءَ کان لاڳو نه ٿيندو، پاڻمرادو نوٽيس ڪيسن ۾ اپيل جو حق ڏيڻ واري شق برقرار رکي وئي آهي.
اٽارني جنرل عثمان منصور اعواڻ جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسجر قانون خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪيو.
ڪجهه دير کانپوءِ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فيصلو ٻڌائيندي چيو ته پنجن جي ڀيٽ ۾ ڏهن ججن جي اڪثريت سان پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون کي برقرر رکيو پيو وڃي.
جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس مظاهر نقوي ۽ جسٽس شاهد وحيد ايڪٽ جي مخالفت ڪئي، جڏهن ته ٻين ججن قانون جي حق ۾ فيصلو ڏنيو.
سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستون رد ڪري ڇڏيو.
فيصلي موجب سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ماضيءَ کان لاڳو نه ٿيندو.
سپريم ڪورٽ ايڪٽ ماضيءَ کان لاڳو ڪرڻ واري شڪ ستن جي ڀيٽ ۾ اٺن ججن جي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏي، جنهن بعد سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ماضيءَ کان لاڳو نه ٿيندو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس سردار طارق ۽ جسٽس منصور سميت ستن ججن ماضي کان قانون لڳو ڪرڻ جي حمايت ڪئي.
فل ڪورٽ ڇهن جي ڀيٽ ۾ نون ججن پاڻمرادي نوٽيس 184 ٿري جي ڪيس جي اپيل واري حق جي شق برقرار رکي.
جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس مظاهر نقوي، جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس شاهد وحيد اپيل جي حق جي مخالفت ڪئي.
اعلي ٰ عدليا جي فيصلي بعد سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون لاڳو ٿي ويو آهي.- Advertisement -
